ڪراچي ۾ گٽڪا مافيا ۾ جهيڙو، واٽهڙو نوجوان مارجي ويو، 6 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ گٽڪا مافيا جو پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو فائرنگ، جهيڙي   دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو نوجوان مارجي ويو، 2 ماوا گٽڪا فروش اڪبر سنڌ ۽ اشرف سنڌ  سميت 6 ڄڻا گرفتار، ايس ايڇ او بلديا ٽائون فيصل رفيق جو چوڻ آهي ته ڪاٺياواڙي برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، فائرنگ دوران هڪ رهواسي مارجي ويو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي. فوتي نوجوان جي حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته 23 سالن جي شاهه رخ پٽ عبدالقدير جي ٻن مهينن کانپوءِ شادي ٿيڻي هئي، مقتول ٻن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن ۾ وڏو هو ۽ هڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪم ڪندو هو، مقتول جو والد دزري جو ڪم ڪندو آهي ۽ ڪم سان لاهور ويل آهي، پوليس موجب علائقي ۾ ڪاٺياواڙي برادري جا ماڻهو رهن ٿا، هنن علائقي کي ماوا گٽڪا انڊسٽري بڻاڻي ڇڏيو هو . اڪبر سنڌ ۽ اشرف سنڌ ۾ گٽڪا ماوا وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي تڪرار هو، فائرنگ ۾ ملوث مک جوابدار اڪبر سنڌ ۽ اشرف سنڌ سميت 6 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.