کپرو ۾ جعلي کاتن جو ميگا اسڪينڊل، ڪوڙن پاس بڪن تي قرض جاري

ڪراچي(نمائنده خصوصي) سانگهڙ ضلعي جي کپرو تعلقي ۾ زرعي بئنڪ، ڪمرشل بئنڪن،روينيو عملدارن ۽ قابض مافيا جو گڏيل فراڊ،هڪ ئي ڏينهن جعلي انٽريون،مختياڪارن جون هر صفحي تي الڳ صحيحون، فوتي کاتي تي ڪوڙا پاس بڪ جاري قرض الاٽ،قرض هڙپ ڪرڻ جا به اطلاع،روينيو عملي کاتي جي مشهور زمانه ”سسٽم“ جي ڪڌن ڪمن واري رڪارڊ کي به مات ڏئي ڇڏي،اسٽيٽ بئنڪ پاران معاملو جاچ لاءِ بئنڪنگ محتسب پاڪستان حوالي تفصيل موجب کپرو تعلقي جي ديهه گرهڙ جي زميندار محمد قاسم سنگراسي بئنڪنگ محتسب پاڪستان، ايف آءِ اي بئنڪنگ ڪرائم سرڪل،چيئرمين زرعي ترقياتي بئنڪ آف پاڪستان،ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کي ليٽر لکيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته سانگهڙ ضلعي جي کپرو تعلقي جي ديهه گرهڙ ۾ موهن داس هوڪومل، مهدي حسن شر،در محمد شر۽ ٻين محمد هاشم سنگراسي جي فوتي کاتي تي روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان وڏي پئماني تي زرعي قرض ورتا آهن،روينيو عملدارن ان فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي ڪوڙا زرعي پاس بڪ جاري ڪيا آهن،زرعي ترقياتي بئنڪ جي عملدارن کي ان سموري معاملي جي خبر هوندي به انهن زرعي قرض جاري ڪيا،هن لکيو ته ان کان علاوه ان ڳالهه جي به اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي ته کپرو ٽائون جون بئنڪ برانچون فوتي کاتي جي زمين جا کاتا ڪڏهن کان ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ لڳيون آهن؟ اها زمين 1920ع جي ڏهاڪي ۾ برطانوي دور ۾ محمد هاشم سنگراسي کي الاٽ ڪيل هئي،هن لکيو ته کپري ۾  زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ڪمرشل بئنڪن روينيو عملدارن سان گڏجي ايترو وڏو فراڊ سرانجام ڏنو آهي، ڪوڙن پاس بڪن تي زرعي قرض جاري بئنڪنگ جي شعبي ۾ هڪ وڏي ميگا اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي،ان سڄي فراڊي سينڊيڪيٽ ۾ بئنڪ عملدارن ۽ روينيو جي آفيسرن کي باقاعدگي سان پنهنجو حصو پتي ملندو رهيو آهي جڏهن ته روينيو جي عملدارن مختيارڪار آفيس کپرو ۾ هڪ ئي ڏينهن درجنين ڪوڙيون انٽريون ڪري فوتي کاتي تي جعلي زميندارن کي کاتا ڏنا ويا، هتي اها ڳالهه به گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ اچڻ گهرجي ته  24 آڪٽوبر 1984ع تي فوتي محمد هاشم سنگراسي جي زمين جي سيريل نمبر ۾ 46 ڪوڙيون انٽريون هڪ ئي ڏينهن ڪيون ويون ۽ مختيارڪار کپرو گينگ جي ميمبرن کي پاس بڪ جاري ڪيا ،اهي قرض ٽريڪٽر، زرعي مشينري، مڇي جي تلائن ۽ ٻي مد ۾ ورتا ويا ۽ انهن مان ڪجهه قرض معاف به ڪرايا ويا آهن، محمد قاسم سنگراسي پنهنجي درخواست ۾ ثبوتن جي ڪاپي به لڳائي آهي جنهن مطابق زرعي ترقياتي بئنڪ کپرو 54 ايڪڙ 33 گهنٽا زمين مير حسن ولد پيرون شر کي منتقل ڪئي، زرعي ترقياتي بئنڪ کپرو مهدي حسن ولد پيرون شر کي 24 ايڪڙ 06 گهنٽا زمين منتقل ڪئي،24 ايڪڙ 14 گهنٽا ڪبير پٽ اوڏار شر کي منتقل ڪئي وئي، مهدي حسن شر  وري 61 ايڪڙ 10 گهنٽا زمين جعلي انٽري ذريعي پنهنجي گهرواري کي وڪرو ڪئي،جڏهن ته زرعي ترقياتي بئنڪ 77 ايڪڙ 22 گهنٽا روڊرو پٽ روڙا کي منتقل ڪئي، جڏهن ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 5فيبروري 1973ع تي  انٽري نمبر 9 ۾ موهن داس ان زمين تي جعلي دستاويز ٺهرائي ورتا، ان جعلي کاتي جي چئني صفحن تي مختلف مختيارڪارن جون صحيحون ٿيل آهن،جڏهن ته آخري صفحي تي مختيارڪار جي صحيح ٿيل ناهي، روينيو کاتي جي تاريخ ۾ ان قسم جي هيراڦيري جو ڪو مثال نٿو ملي جيڪو کپري تعلقي جي روينيو عملدارن ديهه گرهڙ ۾ قائم ڪيو آهي، فوتي کاتي ۾ ڪيل جعلي انٽرين ذريعي قبضو ڪيل زمين مڙس اها زمين ڪڏهن گهرواري کي وڪرو ڪري ٿو،گهرواري وري اها زمين پنهنجي مٽن مائٽن کي گفٽ طور ڏئي ٿي، محمد قاسم سنگراسي پنهنجي درخواست ۾ مطالبو ڪيو آهي ته ان ميگا فراڊ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سيڪشن 420،463،468،471 تحت ڪيس داخل سمورن ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ ان معاملي تي بئنڪنگ محتسب پاڪستان جي آفيس کي جاچ لاءِ هدايتون جاري ليٽر روانو ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.