ڪراچي مان ٻن ٻارڙين جي اغوا ۾ سندن والد ملوث نڪتو

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي گلستان جوهر مان ٻن ٻارن جي اغوا واري معاملي جا سي سي ٽي وي فٽيجز  هٿ اچي ويا، اغوا ۾ سندن   والد نڪتو،  پي آءِ اي ڪالوني مان ٻن معصوم ڀينرن 06 ورهين جي ايمان فاطمه ۽ 05 ورهين جي عشال فاطمه کي مبينا طور تي پي آءِ اي ڪالوني ۾ قائم ٽيوشن سينٽر جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، ميڊيا کي مليل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ٻنهي معصوم ڀينرن کي ڪار بي وي ايس جيڪا عماد پٽ ڊاڪٽر بچل خاصخيلي جي نالي تي رجسٽرڊ آھي، جنهن ۾ بي وي  ايس  063 ڪار  ۾زبردستي اغوا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، اغوا ٿيل ٻنهي نينگرين جي امڙ ارم سومرو الزام مڙهيو ته نياڻين کي اڳوڻي مڙس جنيد خاصخيلي پٽ ڊاڪٽر بچل خاصخيلي پنهنجي ماءُ نسرين خاصخيلي ڀينرن مسز رابيل، ھمير سولنگي، مسز ڪنول ۽ عبير ميمن جي مدد سان اغوا ڪرايو آهي، نينگرين جي نانَي  جو  چوڻ هو ته هن جي ڌيءَ ارم سومرو پنهنجي مڙس کان 18 مهينا اڳ عليدگي اختيار ڪري  چڪي  آهي، ڄامشورو جي معزز عدالت ٻار سندن امڙ جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڏنو آهي پر ان باوجود جنيد خاصخيلي توهين عدالت ڪندي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.