سنڌ ليفٽ فرنٽ پاران بدامني، مهانگائي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 15 آڪٽوبر تي سکر ۾ ڪانفرنس جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ليفٽ فرنٽ  اتر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، مھانگائي ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 15 آڪٽوبر تي سکر ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آھي.  سنڌ ۾ کاٻي ڌُر جي اتحاد  سنڌ ليفٽ فرنٽ جي  گڏجاڻي پورھيت مزاحمت تحريڪ جي ميزباني ھيٺ  مسرور شاھ جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿي گذري،  جنهن ۾ ڪامريڊ بخشل ٿلھو(عوامي ورڪرز پارٽي ) سيد لال  شاهه  (عوامي جمهوري پارٽي)، ھمت پتافي  (وطن دوست جمھوري پارٽي)، ثمر حيدر جتوئي (سنڌ هاري ڪاميٽي) ۽  ڪامريڊ ايسر داس (طبقاتي جدوجهد) پنهنجي ساٿين سميت شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ کاٻي ڌُر جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته آمريڪي سامراجي آرڊر ۾ چين ۽  ٻين طاقتن جي اڀار جي ڪري ڏار پئجي رھيا آھن پر اڄ به  دنيا تي آمريڪي ڊالر، فوج ۽ مالياتي ادارن جو غلبو آھي. عالمي سامراجي نظام  اندر وڌندڙ تضادن سبب سامراجي ملڪ ھٿيارن جي ڊوڙ لڳائي دنيا کي جنگن ۽ ڀڄ ڊاھ ڏانھن  وٺي وڃي رھيا آھن، پاڪستان جهڙي عوام دشمن قوم دشمن مسواڙي رياست پھرين ڏينھن کان معاشي طور آمريڪا ۽  ان جي مالياتي ادارن تي ڀاڙيندي رھي آھي ۽ ٻئي پاسي چين سندس اسٽريجڪ پارٽنر رھيو آھي ـ ھن وقت آمريڪا ۽ اتحادين جا پاڪستان سان خراب تعلق ھئڻ سبب ملڪ جا حڪمران ڊالر لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ گلف رياستن اڳيان ڪستو کڻي بيٺا آھن هنن چيو ته  پوري ملڪ ۾ تيل ،بجلي ،گيس ،اٽي وغيرھ جي قيمتن تي بيچيني وڌي رھي آھي جنھن بيچيني کي صحيح گس ڏيڻ لاء کاٻي ڌر کي ھراول دستي جو ڪم ڪرڻو پوندو، اھڙي بدترين صورتحال ۾ ملڪ جي اسٽبلشمنٽ تاريخ مان سکڻ کان قاصر آھي. ھن سياست ۽ معيشت کي ملٽرائيز ڪرڻ جو نئون منصوبو جوڙيو آھي جنھن ۾ ھڪڙي پاسي لولي لنگڙي جمھوريت ۽ آئين کي به  پاسي تي رکي نگران حڪومت کي ڊگھي عرصي تائين ھلائڻ ۽ سافٽ ڪو ديتا جو تياريون ٿي رھيون آھن ۽ ٻئي پاسي مظلوم قومن جي رھيل ڪيل زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي والار جو پروگرام تشڪيل ڏنو ويو آھي هنن چيو ته بدامني خلاف گذريل ڏينھن ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ماڻھن سان گڏ پوري سنڌ زبردست مزاحمت ڪئي آھي اتي ان وڌندڙ لاقانونيت جي پويان اھي ادارا ۽ قوتون به  آھن جن جو سنڌ جي ڪچي جي زمينن تي اکيون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.