حيدرآباد (پ_ر) سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو ٺٽي جي ريلي ۾ مردن، سنڌياڻين ٻارڙن شاگردن، وڪيلن، صحافين ۽ قلمڪارن پاران ھزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري ريلي کي ڪامياب ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز ۽ محمد علي ٽالپر چيو آھي ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ جي جدوجھد جاري رھندي، سنڌ جي زمينن تي قبضن، وسيلن جي نيلامي، ڊجيٽل آدمشماري، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف عوامي تحريڪ طرفان 22 سيپٽمبر تي سجاول ۾ ريلي ڪڍي ويندي، 30 سيپٽمبر تي دادو ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي ۽ 15 آڪٽوبر تي بدين شھر ۾ عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو، سنڌ جي گھڻ گھرن اديبن، شاعرن، فنڪاري، صحافين، وڪيلن، ھاري ۽ مزدور اڳواڻن کي شرڪت جو سڏ ڏيون ٿا، ھنن چيو ته ھڪڙي پاسي سنڌ جي زمينن، جبل، ڍنڍن، ڍورن ۽ تاريخي ماڳن ۽ مڪانن تي قبضا ڪرڻ لاءِ قبضاگيرن جي ماڪڙ لٿل آھي ته ٻي پاسي سنڌ جو پاڻي بند ڪري ننڍن آبادگارن کي زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، سنڌي ماڻھن کي زمينون وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪري سنڌ ۾ بيھارين، بنگالين، افغانين، ھندستانين ۽ ٻين غيرملڪين جو قبضو ڪرايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري سنڌ ۾ غيرقانوني طور موجود لکين غيرملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي.