رينجرز 18 هزار ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪري جوابدار گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان رينجرز (سنڌ) اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ اندرون سنڌ ڪشمور ۾ ڪارروائي دوران 18 هزار ليٽر ايراني ڊيزل قبضي ۾ وٺي ملزم ارشاد چاچڙ کي گرفتار ڪيو آهي. رينجرز سنڌ جي ترجمان  طرفان جاري بيان مطابق گرفتار  ملزم کي ايراني ڊيزل سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي. رينجرز سنڌ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڏوهن ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ اهڙن عنصرن بابت اطلاع فوري طور تي ويجهي رينجرز چيڪ پوسٽ، رينجرز هيلپ لائين 1101 يا رينجرز مددگار واٽس ايپ نمبر 03479001111 تي ڪال يا ايس ايم ايس ذريعي ڏيو. اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان رينجرز (سنڌ) اسمگلنگ  جي مڪمل خاتمي تائين بنا فرق ڪارروائيون جاري رکندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.