ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان ڪسٽم انفورسمينٽ ڪراچي اسمگلنگ خلاف مهم تحت موچڪو چيڪ پوسٽ تي ڪارروائي ڪندي وڏي انگ ۾ پرڏيهي سگريٽ ۽ ٻيو اسمگل ٿيل سامان ڪراچي موڪلڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪسٽم اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن کي اطلاع مليو ته ڪوئيٽا کان وڏي مقدار ۾ اسمگل ٿيل سامان ڪراچي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪوئيٽا جي مختلف علائقن ۾ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار مقرر ڪيا ويا جن ڪوئيٽا کان ايندڙ بسن، ٽرڪن ۽ ٽرالرن جي سخت نگراني ڪئي، گذريل شام اختيارين کي ڪوئيٽا کان ايندڙ بس کي شڪي معلوم ٿيو ڇاڪاڻ ته بس ۾ AFR 2023 جي نمبر پليٽ لڳل هئي جنهن ۾ مختلف پرڏيهي برانڊن جي سگريٽن جا 22540 پاڪيٽ، انڊين گٽڪي جا 59600 پائوچ، انڊين نسوار جا 2600 پائوچ ۽ 2 ڪلو گرام غير سوپاري غيرملڪي ملڪي سگريٽ هٿ ڪيا ويا .