اولهه کي يوڪرين ۾ ڊگهي جنگ لاءِ تيار رهڻ گهرجي: نيٽو

برسلز (م ڊ) نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ اعلان ڪيو ته اولهه کي يوڪرين ۾ ڊگهي جنگ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.  روسي خابرو اداري مطابق يوڪرين ۾ فوري امن جي دعويٰ باوجود اسٽولٽن برگ اصرار ڪيو ته هو اڃان به صدر ولوديمير زيلنسڪي جي روس کي شڪست ڏيڻ جي هدف جي حمايت ڪري ٿو.

ڪراچي ۾ شهري جي روئڻ بعد ڦورن ڦريل موبائل واپس ڪري ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ملير سٽي ۾ ڦورن شهري کان موبائل فون ڦر، شهري جي روئڻ بعد کيس موبائل فون واپس ڪري ڇڏي، ڪراچي جي علائقي ملير سٽي ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 ڦورن فوڊ ڊليوري ڪندڙ کان موبائل فون ڦر  ڪئي ۽ تلاشي وٺڻ دوران شهري روئي ڏنو جنهن تي ڦورن کيس موبائل فون واپس ڏئي ڪري ڇڏي، سيپٽمبر 2020 ۾ به اهڙو واقعو پيش آيو هو، فوڊ ڊليوري بواءِ کي ڦر ڪندڙ ڦورن روئڻ تي سندس موبائل فون ۽ ڦر ڪيل رقم واپس ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.