بوري والا جي سياسي شخصيت عبدالحميد ڀٽي پ پ ۾ شامل

لاهور(پ ر)بوريوالا جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ مشهور سياسي شخصيت عبدالحميد ڀٽي بلاول هائوس لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ  چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي.ملاقات جي موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي عبدالحميد ڀٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري تي اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪيو.ياد رهي ته عبدالحميد ڀٽي 1993ع ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو  هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.