حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو، مهانگائي، زمين ۽ ٻين وسيلن جي ڦُرلُٽ ۽ اُتر سنڌ ۾ بدامني خلاف 15 آڪٽوبر تي سکر ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو، ايس ٽي پي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو ،حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، اعجاز سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ اندر ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌندڙ مھانگائي ۽ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ مهانگائي سبب غريب مسڪين ماڻهو ۾ وچولو طبقو سخت پريشان آهن. ھن چيو تھ عوام هاڻي هڪ ويلي جي ماني جي لاءِ پريشان آهي، بک، بيروزگاري، بدحالي جا ذميوار سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ حڪمران آهن، جيستائين ملڪ جي اندر بنا تفريق ۽ سياسي انتقام جي بدران حقيقي بنيادن تي احتساب نه ٿيندو، تيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو، سنڌ مٿان مسلط ڪيل جاگيردار ۽ سردار سنڌ اندر هٿ سان قبيلائي تڪرار، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندا رهيا آهن ته جيئن سندن اثر رسوخ رهي، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي اندر پورهيت طبقي جا نمائندا سمورن تڪن تي بيهي مقابلو ڪندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي سنڌ اندر پارٽي جا نمائيندا اليڪشن وڙهندا جنهن لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون وينديون، جنهن کان پوءِ پارٽي جو پارلياماني بورڊ حتمي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪندو.