لاهور (م ڊ) لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) جي ننڪانه سرڪل ۾ محمد اسلم نالي لائين مين بجلي چوري جي ڪيس ۾ گواهه طور ايڊيشنل سيشن جج هما عمبرين جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پهتو ته عدالت جي دروازي تي محمد عمر تارڙ، بلال تارڙ ۽ منصور اشرف نالي وڪيلن لائين مين محمد اسلم کي گهيري ورتو ۽ گارگند شروع ڪري ڏني، جنهن دوران ملزمن طرفان لائين مين محمد اسلم کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جنهن سان لائين مين محمد اسلم شديد زخمي ٿي پيو. ملزمن طرفان ليسڪو اهلڪار کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون