حيدرآباد(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي پندرهن سالن حڪومت دوران سنڌ جي معيشت تباهه ٿي، اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ استاد ڪونھن، پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ۽ مهانگائي عوام جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ من پسند ٽرانسفر پوسٽنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي امير علي ٿيٻو جنرل سيڪريٽري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عبدالڪريم شر، وقار جٽ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ.، ايڊووڪيٽ چوڌري ظفرالله آرائين صدر ۽ رفيق مگسي جنرل سيڪريٽري مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي حيدرآباد ۽ فقير عبدالحليم درس پڻ موجود ھئا. ھن چيو ته 5 سالن تائين حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر رھندڙ فواد غفار سومرو کي ٻيھر سينٽرل ڪراچي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آھي، ڇا اھا شفافيت آھي، ھي پوسٽنگ اليڪشن ڪميشن تي سواليا نشان آھي. ھن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي جي ذميوار نگران حڪومت نه پر اڳوڻي حڪومت آهي، جن آءِ ايم ايف سان معاھدا ڪيا. ھن چيو تھ چند خاندانن کي ملڪ جو مالڪ بڻايو ويو آهي، جن ملڪ مان اربين ۽ ڪروڙين روپيا چوري ڪيا آهن، اسان کي اميد نه ٿي لڳي ته مهانگائي ختم ٿيندي ۽ معيشت بحال ٿيندي ھن چيو ته پ پ مخالف سمورين پارٽين سان ڳالھايو پيو وڃي، جن سان اتحاد ٿي سگھي ٿو، جي ڊي اي ۾ ٻين قومپرست پارٽين کي به شامل ڪيو ويندو