اسلام آباد(بيورو+م ڊ+اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 خلاف دائر درخواستن جي حوالي سان وفاقي حڪومت فل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي لکت واري جواب ۾ عدالت کي گذارش ڪئي ته داخل درخواستون نه ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي رد ڪيون وڃن. عدالت سڳوري گذريل ڏينهن هتي ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي فل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب م وفاقي حڪومت موقف اختيار ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 191 تحت پارليامان قانونسازي ڪري سگهن ٿا ۽ آئين جو آرٽيڪل 191 پارليامينٽ کي قانونسازي کان روڪي نه ٿو سگهجي. وفاقي حڪومت جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 سان عدليه جي آزادي متاثر ناهي ٿيندي ۽ سپريم ڪورٽ کان ڪو به اختيار واپس ناهي ورتو ويو. وفاق طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته پارليامان جي ٺاهيل قانون خلاف درخواستون ميرٽ تي پڻ ٻڌڻ جوڳيون ناهن.