اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گذريل ڏينهن هتي جڏهن پهرين ڏينهن سپريم ڪورٽ پهتو ته هن گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي ته پنهنجون ذميواريون ۽ فرض دل سان ادا ڪيو. واضح رهي ته اسلام آباد پوليس طرفان نئين چيف جسٽس آف پاڪستان کي گارڊ آف آنر ڏيڻو هو ، پوليس اڳوڻي چيف جسٽس کي پڻ گارڊ آف آنر ڏنو هو. ان کان پهرين جڏهن چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ پهتو ته ان موقعي تي عدالت جي عملي طرفان سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس جي حيثيت ۾ پنهنجي فرضن جي ادائگي لاءِ پهرين ڏينهن بغير ڪنهن پروٽوڪول جي سپريم ڪورٽ پهتو ۽ هو پنهنجي ذاتي گاڏي ۾ عدالت آيو هو.