اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي بئنچون جوڙڻ بابت منع نامو ختم ڪري ڪري ڇڏيو ۽ ايڪٽ ۾ شامل ٻين معاملن تي فل ڪورٽ ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ٽي وي تان لائيو نشر ڪئي وئي، نئين چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 15 رڪني فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جي ڪارروائي لائيو نشر ڪرائي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻڌڻي جي شروعات ڪندي چيو ته دير سان ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي معذرت ڪيان ٿو، ٻڌڻي ۾ دير عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ سبب ٿي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ڪيس کي حل ڪرڻ جو بهترين حل اهو هو ته ان تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي، فل ڪورٽ جوڙڻ بابت پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل سميت 3 درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪيون ٿا، سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ سرڪاري ٽي وي پاران ڪيمرائون لڳايون ويون. سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهرئين عدالتي ڏينهن تي فل ڪورٽ جي سربراهي ڪئي، سپريم ڪورٽ جي 15 ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته ملڪ کي نقصان پهچائيندڙ ۽ ذاتي مفادن کي هٿي ڏيندڙ اختيار مون کي نه کپن، توهان چيف جسٽس کي احتساب کان آجو ڪرڻ ڇو ٿا چاهيو؟ ريڪوڊڪ معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ۽ فيصلي سان ملڪ کي ساڍا 6 ارب ڊالرز جو نقصان پهتو، درخواست گذار جي وڪيل خواجا طارق رحيم دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ذريعي پنهنجا رولز ٺاهي ڇڏيا هئا، پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ مداخلت ڪئي، عدليه جي آزادي به بنيادي حقن ۾ شامل آهي، سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارا اختيار ڪنهن قانون سان ختم نه ٿا ڪري سگهجن، ان جي لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي. چيف جسٽس چيو ته آئين سپريم ڪورٽ جي آزاديءَ سان شروع نه ٿو ٿئي، توهان هي قانون اڏائي ڇڏيندا ته مان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندس، توهان مون کي اهڙا اختيار ڏيندا به ته مان نه وٺندس. جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 184- ٽي جڊيشل پاور آهي، عدالت کي پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جسٽس اطهر من الله خواجا طارق کان پڇيو ته چيف جسٽس وٽ بينچ ٺاهڻ جا لامحدود اختيار هجن ته پوءِ توهان مطمئن آهيو؟ . جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اهو ٻڌايو ته هي ايڪٽ آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل سان ٽڪراءَ ۾ آهي؟. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته خواجا صاحب توهان جي بحث مان اهو سمجهه ۾ آيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه فل ڪورٽ ڪري ته پوءِ درست آهي ۽ پارليامينٽ ڪري ته غلط آهي، کليل عدالت ۾ ئي چيف جسٽس ٻڌڻي جو فيصلو لکرايو ۽ حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذارن ۽ اٽارني جنرل کي بئنچ جي سوالن جا جواب ڏيڻا آهن. چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ذريعي پيش چئلينجن تي پنهنجي ٻن سينيئر ججن سان مشاورت ڪندس، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس اعجاز الاحسن مڃيو آهي ته اسان پنهنجي طور تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر طئي ڪنداسين. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته سڀئي ڌريون 25 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائين، عدالت سامهون فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، درخواست گذارن فل ڪورٽ تي ڪو اعتراض نه ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙي ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو پنهنجي ساٿي ججن سان صلاح ڪري بئنچ ٺاهي رهيو آهيان، توهان سڀ برو نه مڃيو ته دليل مختصر ۽ گڏيل رکندا ڪيو. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي بئنچون ٺاهڻ بابت منع نامو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايڪت موجب چيف جسٽس ٻن سينيئر ججن سان مشاورت ڪري بئنچ جوڙيندو. سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ شامل ٻين معاملن تي ٻڌڻي جاري رهندي ۽ فل ڪورٽ ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.