نواز شريف جي واپسي، 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ چئلينج، اختلاف

لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز ۽ نائب صدر حمزه شهباز جي صدارت ۾ نواز ليگ لاهور  جي يوٿ ڪو آرڊينيٽرز جو مشاورتي اجلاس ٿيو، رپورٽ موجب هي مشاورتي اجلاس پارٽي جي انهن سرگرمين جو حصو آهي جيڪي نواز ليگ هنن ڏينهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي وطن واپسي تي ان جو پرجوش استقبال ڪرڻ جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪري رهي آهي، بدعنواني جي الزام ۾ 7 سالن جي قيد دوران ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد نواز شريف 19 نومبر 2019 تي علاج جي لاءِ لنڊن هليو ويو هو، نواز شريف جي استقبال لاءِ گهٽ ۾ گهت 10 لک ماڻهن جي شرڪت جو اهتمام ڪرڻ نواز ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ مريم نواز جي هجوم کي جمع ڪرڻ جي مهارت جو امڪان آهي، نواز شريف جي حفاظتي ضمانت جي خدشن جي ڪري ان جي واپسي متعلق پارٽي اڳواڻن وچ ۾ اختلاف جهڙا مسئلا به موجود آهن، شهباز شريف، اسحاق ڊار، خواجا آصف ۽ اعظم نذير تارڙ وغيره لنڊن ۾ نواز شريف سان گڏ قانوني ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مريم نواز مقامي پارٽي اڳواڻن ۽ مختلف ونگز سان اجلاسن جو هڪ مرحلو مڪمل ڪرڻ بعد برطانيا روانو ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.