جسٽس فائز خلاف 4 ججن ريفرنس داخل ڪرايو هو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف عمران خان دور ۾ سپريم ڪورٽ جي 4 ججن ريفرنس داخل ڪرايو هو.  نامياري صحافي جاويد چوڌري انڪشاف ڪيو ته جنرل قمر جاويد باجوه  هڪ ملاقات ۾ قسم کڻي چيو هو ته جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ ۾ اسان جو ڪو به  ڪردار نه هو. ان بعد تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻ ملي آهي ته ريفرنس 4 ججن جي فرمائش تي داخل ٿيو هو. جن ان وقت جي قانون واري وزير فروغ نسيم کي گهرائي چيو هو ته جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪيو ٻي صورت ۾اسان پي ٽي آءِ حڪومت جي مدد نه ڪري سگهنداسين. 4 ججن ۾ عمر عطا بنديال، شيخ عظمت سعيد ۽ 2 ٻيا جج شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.