لنڊن(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن پي ڊي ايم ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان نه بچائي ها ته اڄ ملڪ ۾ پيٽرول 1000 رپيا في ليٽر هجي ها،اسان پنهنجو سياسي سرمايو داءُ تي لڳائي پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي،پارٽي جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي ڪير آهن جن پاڪستان جو اهڙو حشر ڪيو آهي اڄ غريب ماني لاءِ ترسي رهيو آهي، عوام ماني کائي، بجلي جو بل ادا ڪري يا دوا خريد ڪري؟نواز شريف چيو ته جن ڪردار ۽ چهرا قوم کي هن حالت ۾ پهچايو اهي اسان جي سامهون آهن.هن وڌيڪ چيو ته جنهن شخص ملڪ کي لوڊشيڊنگ کان آزاد ڪرايو، 4 ججن ويهي وزيراعظم کي ڪروڙين عوام جي مينڊيٽ سان گهر موڪليو، ان جي پٺيان جنرل باجوا ۽ جنرل فيض هئا ۽ جنرل فيض ۽ جنرل باجوا جا آله ڪار ثاقب نثار ۽ آصف سعيد کوسا هئا،ملڪ کي هن حال تائين پهچائڻ وارا ڪيفرڪردار تائين پهچندا