ڪراچي( ع آ نيوز) ملڪ ۾ مهانگائي جي تازي لهر ۽ معاشي بحران سبب ماڻهو هن وقت پنهنجي روزاني ضرورتن جهڙوڪ بجلي جا بل، اسڪول جي فيس، گهر جي کرايه ۽ ٻيا خرچ پورا ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. مهانگائي جي ڪري ماڻهو قرض وٺڻ ۽ پنهنجا اثاثا وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب زبيده بي بي بيوه آهي، جيڪا ٽيڪسلا جي بلال ڪالوني ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿي. جڏهن آگسٽ جي بجليءَ جا بل گهريلو بجيٽ ۾ ادا نه ٿا ڪري سگهجن، تڏهن انهن وٽ ڪو به رستو نه بچندو آهي ته بل ادا ڪرڻ لاءِ قرض وٺڻ کان سواءِ پنهنجي ٽي ڏهاڪا پراڻي منڊي کي پاڙيسري وٽ گروي رکي. ڪراچي جو رهواسي 40 سالن جو احمد زمان پنهنجي ڇهن ڄڻن جي خاندان جو واحد سنڀاليندڙ آهي، هن جي ماهوار پگهار 150,000 رپيا گذريل سال تائين گهريلو خرچن لاءِ ڪافي هئي، پر هاڻي نه. هن چيو ته جنهن گهر ۾ رهندو آهيان ان جو کرايه 35 هزار رپيا آهي، منهنجو آخري بجلي جو بل 40 هزار رپين کان وڌيڪ هو. پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر جي رهواسي 25 سالن جي حسين شبير ڊان کي ٻڌايو ته هن وقت سندس 7 ڄڻن جي خاندان جا 3 ميمبر ڪمائي رهيا آهن پر ان جي باوجود انهن لاءِ پنهنجو خرچ برداشت ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. ٽيڪسيلا جي لالهه رُخ واري علائقي ۾ پولٽري شاپ جي مالڪ احسان علي جو چوڻ هو ته سندس وڪرو اڳ جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. ٽيڪسلا چوڪ تي هوٽل هلائيندڙ آفتاب حسين جي چانهه جي آرڊرن جي تعداد ۾ واضح گهٽتائي نظر اچي رهي آهي. گراهڪ هاڻ چانهن ڪوپ پيئڻ بدران ڪٽ پي رهيا آهن. موٽر سائيڪل ڊيوٽي لاءِ ويندڙن جو روز سوين رپين جو پيٽرول خرچ ٿي رهيو آهي. منافعي بدران گهاٽو وڌي ويو آهي.