ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته 18 بي ايمان ليڊرن جي لاءِ تمام ڏکيو وقت اچي ويو آهي، هاڻ پاڪستان جو عوام راڄ ڪندو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته اسان ته پارٽي ليس آهيون، اسان کي ته ليڊر ڪٿان جو ناهي ڇڏيو، پاڪستان کي تباهي تي آڻيندڙ، عوام کي بيروزگار ڪندڙ سياستدان آهن، فيصل واوڊا چيو ته چيف جسٽس پاڪستان زبرسدت شروعات ڪئي آهي، نئين چيف جسٽس جي شروعات جا 10 ڏينهن ڏسڻ وٽان آهن، هن چيو ته ماضي ۾ نواز ليگ به قاضي فائز عيسيٰ تي حملا ڪيا هئا، پي ڊي ايم بيانيئي ۾ ٻڌايو هو ته نئين چيف جسٽس ۽ ان جي فرمائش پوري ڪنداسين.
محمد خان کي غيرقانوني طور سيڪريٽري لڳائڻ جو الزام، پرويز الاهي مٿان ڪيس
لاهور (م ڊ) غيرقانوني طور تي محمد خان کي سيڪريٽري لڳائڻ جي الزام ۾ پرويز الاهي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ايف آءِ آر جي متن موجب پرويز الاهي محمد خان ڀٽي کي غيرقانوني طور تي پرنسپل سيڪريٽري لڳايو، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پرنسپل سيڪريٽري ٽو سي ايم جي طور تي ڪنهن اسپيشل سروسز جي آفيسر کي نٿو لڳائي سگهجي، ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي مالي فائدن جي لاءِ محمد خان ڀٽي کي اسپيشل سيڪريٽري لڳايو.