259 شهري سڙي مري ويا پر ڪنهن کي ڪو احساس ناهي: عدالت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بلديا  ٽائون فيڪٽري سانحي ڪيس جي روپوش  جوابدار حماد صديقي کي پاڪستان واپس آڻن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ ڊي آءِ جي سائوٿ، سيڪشن آفيسر گهروکاتو ۽ هوم ڊپارٽمينٽ سنڌجو فوڪل پرسن پيش ٿيا، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ، وفاقي گهرو سيڪريٽري يا ايڊيشنل سيڪريٽري گهروکاتي کي طلب ڪري ورتو، جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 259شهري سڙي ڪري فوت ٿي ويا اوهان کي احساس نه آهي، عدالت ۾  گهرو کاتي جي سيڪشن آفيسر چيو ته حماد صديقي جي گرفتاري جا ڪتيرا الرٽ جاري ڪيا ويا، وفاقي حڪومت انٽرپول جي ذريعي ريڊ وارنٽ جاري ڪيو، جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ريڊ نوٽيس ڪڏهن جاري ڪيا ويا، سيڪشن آفيسر چيو ته 26جنوري2017ع ريڊ وارنٽ 5سالن جي لاءِ هوندو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغاپنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ان جو مطلب جنوري 2022ع ۾ ريڊ وارنٽ جي مدو ختم ٿي ويو،گهروکاتي جي ڪارڪردگي انتهائي ناقص آهي، لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ويو، هيترا ماڻهو فوت ٿي ويا معاملي کي معيار موجب حل نه ڪيو ويو، عدالت چيو ته فيڪٽرين جي حفاظتي قدم جي رپورٽ ڪهڙو کاتو  ڏيندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.