پرويز الاهي جي 12 هون ڀيرو گرفتاري کليل مذاق آهي: مصطفيٰ نواز

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي جي 12 کان وڌيڪ ڀيرا ضمانت ۽ گرفتاري عدالتي  حڪمن جو مذاق ۽ مذمت جوڳي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن هو اڄ پريس ڪانفرنس ڪندو ته سندس ۽ ٻين ماڻهن جا سمورا مسئلا ختم ٿي ويندا.اڳوڻي سينيٽر وڌيڪ چيو ته سياستدانن کي رڍن وانگر هڪلڻ جا نه اڳ سٺا نتيجا نڪتا آهن ۽ نه مستقبل ۾ سٺا نتيجا نڪرندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.