گهوٽڪي/ رائونتي ( نمائندن وٽان )گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ رينجرز جا جوان ايس ايس پي گھوٽڪي منير احمد کهڙو سان گڏجي رائونتي جي بچاءُ بند تي پهتا، ايس ايس پي گھوٽڪي منير احمد کهڙو رينجرز جي ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عاطف خان کي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي بچاٽ بند جي پوليس چوڪين جي اهلڪارن کي سخت چيڪنگ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته چوڪين جي صفائي سٿرائي جا حڪم ڏنا، هوڏانهن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد عاطف خان گڏيل بيان ۾ چيو ته ڏوهارين جي خاتمي تائين رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن جاري رهندو، ڪچي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته ڏوهارين جي چرپر تي مڪمل نظر رکڻ لاءِ گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي کي سيل ڪيو ويو آهي، ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ رستن تي سخت چيڪنگ شروع ڪئي آهي هڪ سوال جي جواب هنن چيو ته ڏوهاري ڪٿي به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا ته پوءِ به ڪارروائي کان بچي نه ٿا سگهن ڏوهارين کي گهرجي ته هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي پيش ڪن، ٻئي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.