پرامن جدوجهد تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا ڃن:رياض چانڊيو

حيدرآباد(پ ر) چيئرمين جيئي سنڌ محاذ ۽ سربراهه جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي رياض علي چانڊيو طرفان جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي  17 سيپٽمبر 2023 تي سکر ۾ نڪتل ريليءَ جي نتيجي ۾  جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي سربراهه رياض علي چانڊيو، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن تي سرڪار طرفان ڪَٽيل ايف آءِ آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ جاري ڪيل پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته  سنڌ حڪومت طرفان اسان کي خوفزده ڪرڻ لاءِ هيءَ ايف.آءِ.آر ڪَٽي وئي آهي. جيئي سنڌ رهبر ڪميٽيءَ جو احتجاج پُرامن هئو ته غير ملڪي افغانين کي هتان ڪڍو، جيڪي هتان جا شهري ناهن، جيڪي امن امان ۽ اسان جي معيشت تي ۽ اسان جي وجود تي بار بڻجي ويا آهن،هن چيو ته  هاڻي هو مهاجرين به نه رهيا آهن ڇو ته افغانستان هاڻي مستحڪم آهي. جتي افغانين جي پنهنجي حڪومت آهي ڪا عالمي مداخلت ڪونهي پر جي اسان چئون ٿا ته اهي پنهنجي ڏيهه وَڃن ته سرڪار بوکلائجي وڃي ٿي جعلي مردم شماري جي ڪا به قانوني اهميت ڪانهي،هن چيو ته  ڌاڙيل راڄ خلاف جي ڪشمور ۾ ويهون ٿا ته اهو سرڪار کي برداشت ناهي، سنڌ جو سور جيڪڏهن سکر ۾ ريليءَ جي صورت ۾ کَڻون ٿا ته بغاوت جا ڪيسَ داخل ڪيا ٿا وَڃن پر اسان جي پُرامن جدوجهد جاري رهندي عدالتن کان وَٺي روڊَن تائين هنن جي غير جمهوري، غير قانوني فيصلن خلاف جدوجهد ڪنداسون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.