سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 500 کان مٿي ڪيس رپورٽ

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ مليريا جي ن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي،  صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب سنڌ ۾ گذريل 24  ڪلاڪن ۾ مليريا جا 586 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ان دوران ڪراچي ۾ مليريا جو ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، صحت کاتي موجب حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 287، لاڙڪاڻي ۾ 143، ميرپورخاص 98 ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ مليريا جا 58 ڪيس رپورٽ ٿيا، ترجمان موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ مليريا جا 2 هزار 242 ڪيس سامهون آيا ۽ سڄي سنڌ ۾ هن وقت تائين مليريا سبب 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.