سائفر ڪيس، عمران جي ضمانت درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر  ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان طرفان وڪيل سلمان صفدر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ طريقو آهي، ڪيس جو فيصلو ٿيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.