ڪولمبو (م ڊ) ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي رڪارڊ اٺون ڀيرو اهو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا طرفان مليل رڳو 51 رنسن جو هدف ڀارت بنا ڪنهن نقصان جي 6.1 اوورن ۾ ئي پورو ڪري ورتو، شبمن گل 27 ۽ ايشان ڪشن 23 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا ڀارت سڀ کان وڌيڪ 8 ڀيرا ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، ڪولمبو ۾ کيڏيل فائنل ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بلڪل غلط ثابت ٿيو، سريلنڪا جا شروعاتي 6 بيٽر رڳو 12 رنسن تي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته سڄي سريلنڪن ٽيم 15.2 اوورن ۾ 50 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڀارت طرفان محمد سراج زبردست بالنگ ڪرائيندي 21 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هارديڪ پانڊيا 3 ۽ جسپريت بمرا هڪ وڪيٽ ورتي، سريلنڪا جا 9 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا، ڪوشل مينڊس 17 رنسون ٺاهي اڳڀرو رهيو، جڏهن ته سريلنڪا جا 5 رانديگر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، ڪاميابي بعد ڀارتي شهرين پاران جشن ملهايو ويو.