منهڙو ڀرسان جمالين ۾ جهيڙو، نوجوان مارجي ويو

منھڙو (رپورٽ: عرفان علي ڏاهري) منھڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد ۾  ڳوٺ ﷲ داد جمالي ۾ جمالي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، تشدد ۾ 45  سالن جو شير علي عرف شيرو جمالي ڌڪ لڳڻ سبب قتل ٿي ويو واقعي بعد حد جي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي شاهپورجهانيان اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول شير علي عرف شيرو جمالي جي ڀاءُ عاشق علي ۽ ميهر علي جمالي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو پنهنجي برادري وارن سان چوريءَ جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، جوابدارن غلام علي جمالي، علي بخش جمالي، عاجو، هوشو جمالي اسان جي گهر مٿان حملو ڪري نوجوان کي تشدد ڪري سخت زخمي ڪيو، نوجوان کي ٻانڌي شهر ۾ ڊاڪٽر سليم چانڊيو وٽ کڻي وياسين جنهن ٻڌايو ته اوهان جو همراهه فوت ٿي چڪو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.