سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان وڏيرا شاهي، مهانگائي ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف مارچ، ڌرڻو

ڪڙيو گهنور (ن ع آ) وڏيرا شاهي، ڳاٽي ٽور مهنگائي، ڌاڙيل ڪلچر خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، احمدنواز انقلابي، جبار باغي ۽اسحاق سنڌي جي اڳواڻي ۾ عوامي مارچ ڪري ڪڙيو گهنور  حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي جو طوفان برپا ڪري غريب جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، غريب مسڪينن کان ماني به کسي وئي آهي غريب جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي هتي ڌاڙيل راڄ قائم ڪري ظلم جبر جو نظام قائم ڪيو ويو آهي، قانون نالي ڪا شئي نظر نٿي اچي هتي طاقتور لاءِ ڪو به قانون ناهي هتي ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ ٿا سمجهن، هتي نه ڪو صحافي نه اديب دانشور يا ڪو به عام ماڻهو محفوظ آهي، هتي وڏيرن کي کلي ڇوٽ مليل آهي وڏيرا هر ضلعي ۾ الڳ الڳ اغوا صنعت لڳائي ويٺا آهن وڏيرا ماڻهن جي اغوائن ۾ ملوث آهن ڌاڙيل جون محفوظ پناه گاهون وڏيرن جا محل آهي ڌاڙيل وٽ هٿيار اسلو پهچائڻ ۾ وڏيرا ملوث آهن، وڏيرا شاهي ختم ڪيو ملڪ کي انڊسٽري ڪري نه بلڪه ملڪ کي گهڻ قومي ملڪ سمجهي قومن کي حق ڏئي ملڪ ڪري هلايو وڃي تجربا ڪندڙ سمجهي وٺن ته گذريل 50سالن کان اوهان جا سڀ تجربا ناڪام ٿيا آهن هاڻي تجربا نه پر قومن کي حق ڏنا وڃن ملڪ کي آءِ ايم ايف جي اشارن تي نه پر عوامي مفادن کي هلائڻ گهرجي سنڌ هاري ڪاميٽي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته شهيد جان محمد مهر فاطمه ڦرڙو جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن معصوم پريا ڪماري ،ساگر ڪمار سميت ٻيا اغوا ٿيل بازياب ڪرايا وڃن پرامن جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.