خيرپور ويجهو نوجوان ناري قتل، وارثن جو احتجاج

خيرپور (س ر) خيرپور ويجهو ڳوٺ حيات جاگيراڻي ۾ 32 سالن جي نوجوان عورت فهميده ڌيءَ محب علي جاگيراڻي قتل ٿي وئي، مقتولا  جي وارثن  طرفان احتجاج ڪيو، ڪنڌرا پوليس ڪاروائي ڪري مقتولا عورت جي مڙس ۽ ڏيرن جي گهرن تي چڙهائي ڪئي، الزام هيٺ آيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا، پوليس عورت جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪنڌرا طارق دايو ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل ڌر جي هڪ ماڻهو کي گرفتار ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد واقعي جون اصل حقيقتون ظاهر ٿي وينديون، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون قانون موجب جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.