خيرپور ميرس (پ ر) خيرپور ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ خيرپور ضلعي جي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي آفر آرڊر جي انتظار ۾ ويٺل اميدوارن سال 2021 کان هلندڙ ڀرتي واري عمل تي بنا جواز روڪ ۽ بندش هڻڻ خلاف خيرپور پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري سان گڏ ميرٽ جو علامتي جنازو ڪڍيو ويو، ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ارباب آريجو، اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائسته بلوچ، سماجي ڪارڪن اظھر ابڙو، دريا خان شيخ، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، سلامت سهراب فقير ۽ ٽيسٽ پاس اميدوارن زمان کهڙو، وهاب مستوئي، صلاح الدين چنا، الله وڌايو اڄڻ، سليمان کهڙو، قلندر بخش شر، شاهنواز چنا، مهراڻ ڀنڀرو، فرمان اڄڻ، وقار جاگيراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري بنا جواز پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتين تي بندش لڳائي ڇڏي آهي، جنهن ڪري سموري سنڌ جا ٽيسٽ پاس اميدوار ذهني اذيت جو شڪار بڻيل آهن. پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي وارو عمل تمام گهڻو اڳتي به نڪري ويو آهي ۽ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوار ڀرتي ٿي ويا آهن جيڪي ڊيوٽيون به ڪن پيا پر اڃا هزارين اميدوار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آفر آرڊر جي انتظار ۾ ويٺل آهن، ڀرتين تان پابندي ختم ڪئي وڃي.