نئون ڪوٽ ڀرسان ناري سان زيادتي معاملي تي جرڳو، ٺاهه

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) نئون ڪوٽ جي 16 ميل موري جي ڳوٺ چوڌري ايوب ۾ گذريل رات ناري والو ولد رامون ڪولھي کي اغوا بعد مبينـ اجتمائي  زيادتي واري معاملي ۾ اهم انڪشاف ٿيا آهن، ناري جي وارثن جي  بيان بدلائڻ بعد معاملو ختم ٿي ويو، الزام ھيٺ آيل جوابدار راشد تيلي پوليس عملدار سان گڏ سري عام موٽرسائيڪل تي گھمندي ڏٺو ويو، ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب تر جي بااثر شخصيت ۽ پوليس وچم ۾ ٿاڻي تي جرڳي بعد ناري جي وارثن کي 6 لک ۽ پوليس کي 3 لک ملڻ بعد ناري سان لڄالٽ وارو مامرو لئـ مٽي ٿي ويو، ناري جي وارثن بيان تبديل ڪري ڇڏيو، ناري سان زيادتي جو ملهه 6 لک ورتو ويو، جوابدار آزاد ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.