ڪراچي (عوامي آواز نيوز) راولپنڊي ۾ مري روڊ تي واقع هڪ پلازا مان اربين رپين جي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ آئي آهي.اها ڪرنسي هڪ پلازا جي بيسمينٽ مان هٿ آئي جتي ايترا لاڪرز ٺاهيا ويا هئا جيئن ڪا بينڪ هجي. مري روڊ تي واقع ان پلازا جو مالڪ سياسي جماعت جو ماڻهو نه آهي پر هڪ هائوسنگ سوسائٽين ۽ زمينن جو ڪاروبار ڪندو آهي جڏهن ته مبينا طور تي هڪ ميڊيا گروپ به هلائيندو آهي، هوڏانهن سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪيو آهي ته روزاني اساس جي ايڊيٽر ان چيف شيخ افتخار عادل چيو آهي ته هن جي پلازه ۾ ڪا نجي بئنڪ نه هئي،جيڪا رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي اها ڪاروباري ڪيش هو، جنهن جي مني ٽريل فراهم ڪئي وئي آهي، هن منهنجي هڪ ٽوئيٽ تي وضاحت لاءِ فون ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته هن جي لاڪر مان ڪا غيرملڪي ڪرنسي هٿ ناهي آئي جڏهن ته ايف آءِ اي جي دعويٰ آهي ته هن جي گذريل رات واري ڪارروائي قانون مطابق هئي