نادرا جي برطرف ملازمن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) نادرا جي برطرف ٿيل ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب  آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين چيو ته نادرا ملازمن جون جبري برطرفيون ڪيون پيون وڃن، عارضي ملازمن کي پڪو نه پيو ڪيو وڃي، متاثر ملازمن بابت پارلياماني ڪاميٽي جي ڪيل فيصلي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، يونين سازي تي پابندي ۽ ايتري قدر جو نادرا ملازمن تي سوشل ميڊيا جي اسعتمال کان به روڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر غلط ۽ زيادتي آهي. هنن هنن چيو ته اداري مان تقريبن 580 ملازمن کي برطرف ڪري انهن جي گهرن جو چلهو بند ڪيو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته قادر منڍوخيل متاثر ملازمن جي قائم ڪيل ڪاميٽي جي حق ۾ فيصلو ڏيندي هڙني ملازمن کي بيگناھ قرار ڏئي برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو پر نادرا انتظاميه ان فيصلي کي تڏي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ مختلف ڌرين جو افضل لنڊ جي قتل خلاف احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ لنڊ  ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان 6 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عبدالرزاق لنڊ، قمر عباس، امير حسين لنڊ، الله وسايو ٻين قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪندي چيو ته 6 ڏينهن گذرڻ باوجود افضل لنڊ جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن. هنن آرمي چيف، صدر پاڪستان، چيف جسٽس پاڪستان، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ٿا ته جلد کان جلد افضل لنڊ جا قاتل گرفتار ڪري سندس جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. مظاهرين چيو ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.