نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) نوابشاهه جي وومين ٿاڻي اندر مبينه زهر پياريل ناري جي حالت زار ليڊيز پوليس ناري کي ڳجهه ڳوهه ۾ اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد دارالامان حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن نوابشاهه جي وومين اينڊ چلڊرين ٿاڻي جي لاڪپ ۾ مبينه عدالتي پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان ناري صدرت المنتهيٰ جي اوچتو حالت انتهائي تشويشناڪ ٿيڻ بابت انڪشاف ٿيو هو، چوٻول هُيا ته ناري کي لاڪپ اندر زهر ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ جڏهن ميڊيا پاران وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مريم ڀرٽ کان اصل حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو ته انهي ايڏي وڏي ۽ حساس معاملي جي تصديق ڪرڻ بدران الٽو اهڙي ڪنهن به قسم جي واقعي نه ٿيڻ جي حامي ڀري هئي، معاملي جي ايف آءِ آر ۾ فريادڻ خود ايس ايڇ او مريم ڀرٽ آهي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناري پنهنجي خوشي سان اسامه ولد مخصود احمد آرائين سان سول جج ڪراچي ايسٽ ۾ بيان قلم بند ڪرايو، 13.9.2013 تي صدرت المنتهيٰ جي ميڊيڪل رپورٽ ڪرائڻ بعد ناري کي سول جج ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ ون نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت سڳوري ناري کي سندس مڙس اسامه حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته اسامه پنهنجي زال کي وٺڻ عدالت ۾ حاضر نه ٿيو جنهن بعد پوليس جي بالا آفيسرن کي رپورٽ پيش ڪئي وئي، ڇنڇر ڏينهن صدرت المنتهيٰ جي والد گل حسن رند سندس پُٽن زبير رند، جنيد رند، زوهيب رند، خالد ولد واحد بخش رند ۽ هڪ اڻڄاتل شخص عدالت جي احاطي ۾ آيا ۽ عدالت جي ورانڊي ۾ بيٺل صدرت المنتهيٰ کي منرل واٽر جي بوتل ڏني وئي جنهن مان ناري پاڻي پيتو ۽ پوليس اهلڪار افسانه ٻگهيو پڻ ٿورو پاڻي انهي بوتل مان پيتو جنهن بعد ٻنهي جي حالت خراب ٿي وئي، صدرت المنتهيٰ ۽ پوليس اهلڪار افسانه ٻگهيو کي علاج لاءِ پي ايم يو اسپتال نوابشاهه کڻائي وياسين، سموري ايف آءِ آر جي متن ۾ ڪيترائي جهول تضاد ۽ سوال اٿڻ لڳا. پوليس جي سموري ڪوڙي ڊرامي جي پت وائکي ٿيڻ بعد ليڊيز پوليس متاثر ناري کي نوابشاهه ۾ سيف هائوس هئڻ باوجود ڳجهه ڳوهه ۾ دارلاامان حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو.