ڪراچي (رپورٽر) لياري ڪالا ڪوٽ شهنشاهي روڊ واسين جو نوجوان 19 سالا ياسين بلوچ جي بيگناھ قتل جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي مجاهد بلوچ، فراز بلوچ، محمد علي بلوچ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چهلم واري ڏينهن 4 هٿياربندن پاڙي ۾ اچي اسان جي نوجوان ياسين بلوچ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، واقعي جو ڪيس ڪالا ڪوٽ ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس جي لاپرواهي سبب هن مهل تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي. هنن چيو ته جوابدار منشيات فروشن هئا جيڪي اسان جي گهر اڳيان منشيات کپائن پيا انهن کي روڪڻ تي هنن گوليون هلائي اسان جي نوجوان کي شهيد ڪيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان ياسين شر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
نئون ڪوٽ ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاج
نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) نئون ڪوٽ شھيد افضل لنڊ معصوم نياڻي فاطمـ ڦرڙو جي قتل پريا ڪماري سميت تمام مغوين جي آزادي لاءِ جيئي سنڌ محاذ رياض گروپ ڌرتي ڌڻي تحريڪ طرفان پاڪستان پريس ڪلب نئون ڪوٽ اڳيان گڏيل احتجاج ڪيو ويو، جيئي سنڌ محاذ جي حنيف مرڙاڻي، روشن بچلاڻي، اشوڪ بچلاڻي، ڌرتي ڌڻي تحريڪ محمد حسن چاچڙ والم ميگھواڙ، ۽ ٻين چيو تـ سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ اهي، سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، ڪير به محفوظ ناهي، معصوم ٻار بيدردي سان قتل ٿي رھيا آهن شھيد افضل لنڊ صحافي جان محمد مھر فاطمـ ڦرڙو جي قاتلن کي سريعام ڦاسي ڏئي پريا ڪماري سميت سڄي سنڌ مان اغوا ٿيل مغوي آزاد ڪرائي ڌاڙيلن خلاف بي رحم آپريشن ڪيو وڃي.
عوام کي ڌاڙيلن، دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي: محنتي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ممتاز عالم دين ۽ جامعه ابي بڪر جي مهتمم مولانا ضياالرحمان مدني جي قتل جي سخت مذمت ۽ ان سميت سڀني مسلڪن جي عالم سڳورن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گڏيل جدوجهد تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ۽ ادارن عملي طور تي سنڌ جي عوام ۽ عالم سڳورن کي ڌاڙيلن، دهشتگردن ۽ ٽارگٽ ڪلرز جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اڄ تائين ڪنهن به عالم جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سيڪورٽي ادارن جي بدترين ناڪامي آهي، عالمن سميت شهرين جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي، جيڪا حڪومت پنهنجي شهرين کي تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي ان کي حڪومت ڪرڻ جو به ڪو حق ناهي، هلندڙ سال جي گذريل 08 مهينن اندر فقط ڪراچي شهر ۾ 90 شهرين جو قتل ۽ 60 هزار رهزني جي وارداتن مان امن امان جي نالي تي اربين رپين جي بجيٽ خرچ ڪرڻ وارن حڪمرانن ۽ ادارن لاءِ سوچڻ جو مقام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جامعه ابي بڪر گلشن اقبال ۾ مولانا ضياالرحمن مدني جي شهادت جي حوالي سان رٿيل احتجاجي ۽ تعزيتي مڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.