افضل لُنڊ سنڌ جو شعور هو ،سندس خون لُڙهڻ نه گهرجي:ممتاز سهتو

ڪراچي (رپورٽر)  جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد ڪي اين شاه پهچي ڪجهه  ڏينهن اڳ ٽنڊي آدم ۾ بيدردي سان قتل ٿيندڙ نوجوان افضل لُنڊ جي والد عبدالنبي لُنڊ ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي، ممتاز حسين سهتو چيو ته هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، نوجوان افضل لُنڊ سنڌ جو شعور هو ان جو خون لُڙهڻ نه گهرجي جماعت اسلامي ڏکويل خاندان سميت هرمظلوم سان گڏآهي. هن گهر ڪئي ته واقعي جي اڻڌري جانچ ڪري ملوث ڏوهارين کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. وفد ۾ جماعت اسلامي ضلع دادو جا اڳواڻ محمد الياس ڪلهوڙو، عبدالله ڏيرو، عبدالرزاق چانڊيو، الخدمت سنڌ جو ڊائريڪٽرخيرمحمد تنيو ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا. هوڏانهن ممتاز حسين سهتو ميهڙ  ۾ شهري اتحاد جي صدر نياز علي ٻرڙو جي ڀيڻ جي وفات تي ٻرڙا هائوس پهچي تعزيت، مرحومه جي مغفرت ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا پڻ ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.