ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جنرلسٽس ڪائونسل پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن ۽ سھولتڪارن جي گرفتاري لاءِ سڀاڻي سومر کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آھي تھ فوري طورتي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پھچايو وڃي. اھڙو اظھار سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل پاران شھيد صحافي جان محمد مھر جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ مقررن خطاب ڪندي ڪيو .ان موقعي تي صحافين جي تحفظ واري ڪميشن جي ميمبر ۽ عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ خطاب ڪندي چيو تھ جان محمد جو قتل خاندان جو نه سڀني صحافين جو ڪيس آهي، اسان رڳو سوڳ ڪرڻ بدران نتيجا ڏيڻ واري جدوجهد ڪيون، صحافي جي مشن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر نقصان ڏنو آهي. ھن چيو تھ صحافي سماج دوست ڪردار ادا ڪندا آهن ته پوءِ معاشرو انهن جو آواز بڻجي ويندو آهي. رائيٽ ٽو انفارميشن کي عوام لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي،سنڌ کي اعزاز آهي، ان انفارميشن ڪميشن جوڙي آهي، عالمي دٻاءُ به آهي، پاڪستان ۽ افغانستان دنيا ۾ صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ آهن، ھن وڌيڪ چيو تھ ڪميشن واقعن جا نوٽيس ورتا آهن،آفيس ۽ اسٽاف ناهي، رولز به نه آهي،ڪميشن کي رضاڪار گهرجن ٿا، سب ڪميشن به گهرجي جيڪا رپورٽ ڪري،جان محمد مھر ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري، آ جي پوليس کي خط لکيا آهن، جبار خٽڪ جو چوڻ ھو تھ صحافين کي نشانو بڻائيندڙن کي سزا ملڻ گهرجي، ان تي عالمي سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي. سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل جي صدر قاضي ذوالفقار خطاب ڪندي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قرار داد پيش جيڪا منظور ڪئي وئي. ھن چيو تھ جان محمد جا قاتل، سهولت ڪار گرفتار ڪيا وڃن،سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل طرفان سومر ڏينهن احتجاجي ڪئمپ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي. وحيد راڄپر خطاب ڪندي چيو تھ جان محمد مھر کي سازش تحت ماريو ويو آهي، سکر ڊويزن صحافين لاءِ ڪوفو بڻيل آهي، مهيش ڪمار خطاب ڪندي چيو تھ جان محمد جا قاتل گرفتار ڪرائڻ چئلنج آهي. شهر جي مقابلي ۾ ٻهراڙي جو صحافي گهڻو ڀوڳي ٿو، غازي جهنڊير خطاب ڪندي چيو تھ الڳ الڳ جدوجهد بدران گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي، ان موقعي تي سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار فياض نائچ، مڪيش روپيتا، ذوالفقار راڄپر، محمد علي نقرچ، نياز کوکر، مرتضي چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو