ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڪراچي جي فيڪٽري مان سنڌي پورهيتن جي جبري نيڪالي ۽ تعصباڻي رويي خلاف اڄ ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي اِي بي ايم ڪمپني ۽ ٻين ڪمپنين ۽ فيڪٽرين مان سنڌي پورهيتن کي تعصب جي بنياد تي نوڪرين مان ڪڍي ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي ۽ اهو سلسلو سالن کان جاري آهي، جنهن جو مقصد سنڌي پورهيتن جي لاءِ پنهنجي ئي وطن ۾ روزگار جا دروازا بند ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪراچي جا وارث آهن، سنڌي پورهيت ننڌڻڪا نه آهن، انهن سان زيادتين جي خاموش نه ويهنداسين، اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، جيڪڏهن برطرف ملازمن کي بحال نه ڪيو ويو ته ليبر کاتي خلاف جدوجهد تيز ڪئي ويندي.