ٺٽي جو ميونسپل ملازم عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، هڪ ڪروڙ طلب

ٺٽو(ڊر) ڪرسچن ڪالوني ٺٽي جو رھواسي ميونسپل ڪميٽي جو ملازم عرفان ولد بشير مسيح عورتاڻي فون ڪال تي ھرکجي سکر جي  ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ پھچي ويو، ڌاڙيلن پاران اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن کي فون ذريعي سندس آزادي لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، ڀنگ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس ماري سنڌو درياهه ۾ اڇلائڻ جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، اغوا ٿي ويل نوجوان جا وارث سخت پريشان بڻيل آهن، ڌاڙيلن جي ور چڙھيل ٺٽي واسي عرفان مسيح جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان 3 ڏينھن اڳ گھران اھو چئي نڪتو ته هو ڪنھن دوست جي شادي تي وڃي ٿو، جيڪو اڃان تائين ناھي موٽيو، ڌاڙيلن فون ڪري مغوي جي آزادي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريا آهن، اسان جي نوجوان جي حياتي کي خطرو آهي، مغوي کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.