آءِ پي پيز معاهدن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آءِ پي پيز جي معاھدن تي نظرثاني لاءِ عالمي عدالت سان رجوع ڪيو وڃي. اسان اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ کڻنداسين ڪنهن آڊٽ رپورٽ ۾ انهن ٺيڪن جو ذڪر  ناهي. ٻڌايو وڃي ته مهانگا معاھدا ڪنهن ڪيا. سمورا منصوبا سو سيڪڙو سياسي فائدن لاءِ ٺاهيا ويا ذميوار قومي مجرم آهن انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته آمريڪي دٻاءُ سبب ايران-پاڪستان گيس پائيپ لائين مڪمل نه ٿي رهي آهي ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جي سموري نظام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي انهن ظالمن جو ڪير به احتساب نه ڪري سگهيو هن چيو ته مهانگي بجلي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ جان وٺندڙ مھنگائي جي خلاف احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ گورنرس ھائوسز جي آڏو ڌرڻا ھنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ قومي توانائي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڪيو. ”بجلي جو بحران، سبب، عمل ۽ حل“ جي عنوان هيٺ ٿيل ڪانفرنس ۾ ملڪ جي نامور توانائي جي ماهرن ۽ سينيئر صحافين شرڪت ڪئي جن ۾ ڪنگ فيصل يونيورسٽي جي اڳوڻي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سيد آفاق حسين، انجنيئر اخلاق احمد، انجنيئر صلاح الدين رفيع شامل هئا. انجنيئر ارشاد حسين عباسي ڊاڪٽر فياض احمد ڊاڪٽر محمد بشير لاکاڻي معروف صحافي حامد مير نائب امير جماعت اسلامي ميان محمد اسلم ۽ ٻيا شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.