ڪشمور ضلعي کي وڏيرن پنهنجي صنعت بڻائي ڇڏيو آهي:نياز ڪالاڻي

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) معصوم پريا ڪماري ۽ سنڌ مان  اغوا ٿيلن جي  آزادي لاءِ سول سوسائٽي ۽ لائير فورم ۽ وائس آف راڻيپور   پاران لڳايل ڪئمپ نائين ڏينهن به جاري رکي وئي، ڪئمپ تي  جسقم سينيئر اڳواڻ  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو، محسن ڀيلار پهتا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پريا ڪماري کي پوليس آزاد ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آھي، سياسي سماجي ڪارڪنن جي جستجو جي ڪري پريا ڪماري  جي آواز کي بلند ڪيو آھي، راڻيپور ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڊاڪٽر نذير کوکر سميت سمورن دوستن کي جس آھي جيستائين پريا ڪماري بازياب نه ٿي ٿئي هي تحريڪون جاري ، سنڌ هن مهل ڏکي دور مان گذري رهي آھي پريا ڪماري ساگر ڪمار سميت سنڌ مان ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿيل آھن پر پوليس خاموش ٿي ويهي رهي آھي ڪشمور ڪنڌڪوٽ وڏيرن پنهنجي انڊسٽري بڻائي ڇڏي آھي، مغوين کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.