بلوچي ٻولي جي عظيم شاعر مبارڪ قاضي کي ڀيٽا پيش

ڪوئيٽا(م ڊ) نگران صوبائي وزير نوابزاده جمال خان رئيساني بلوچي ٻولي جي عظيم شاعر  ۽ اديب مبارڪ قاضي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مبارڪ قاضي نه صرف شاعر ۽ دانشور هو پر ان کي هميشه ليجنڊ طور ياد رکيو ويندو. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته مبارڪ قاضي جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، مبارڪ قاضي جي وفات سان بلوچي شاعري ۽ ادب جو هڪ باب ختم ٿيو آهي، بلوچي ٻولي ۽ ادب جي ان خال کي ڪڏهن به ڀري نه ٿو سگهجي. هن قاضي مبارڪ جي بلند درجن ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.