خير محمد آريجا (رپورٽ: عطا محمد شاهه) خير محمد آريجا ڀرسان ھڪڙا پتڙ ڀرسان 50 سالن جي عورت تي رات جي پھر ۾ رولو ڪتن حملو ڪري ڄنگھن ٻانھن ۽ سموري جسم کي چڪ ھڻي ماري ڇڏيو، حسن واھڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھڪڙا پتڻ ڀرسان ڳوٺ مان مستاني عورت گھرن ۾ اچي رھي جنھن کي رولو ڇتن ڪتن ڄنگهن ٻانھن کي پٽي مرڻينگ ڪيو ۽ ھن کي ڪو به ڇڏائڻ وارو نه آيو جيڪا تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ڳوٺ جي ماڻھن کي اھا خبر پئي جن اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پوليس پيرسن عورت جو مڙھ تعلقي اسپتال آريجا ۾ کڻي آئي جنھن تي ايم ايس ھنن کي چيو ته اسان وٽ پوسٽ مارٽم جي سھولت ناهي جنھن تي پوليس مڙھ تعلقي اسپتال ڏوڪريءَ کڻي وئي، ڊاڪٽرن پوليس کي چيو ته ليڊي ڊاڪٽر اسان وٽ موجود ناھي توھان ھن مڙھ جو پوسٽ مارٽم لاڙڪاڻو اسپتال ۾ ڪرايو جنھن تي پوليس عورت جو لاش لاڙڪاڻو کڻائي وئي، حسن واھڻ جي وڏي منشي راحب علي ٽاٽڙي سان رابطو ڪيو ويو ھن ٻڌايو ته اسين لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ايڌي سينٽر جي حوالي ڪنداسين ڇو جو ھن لاش جو ڪو به وارث ظاهر ناهي ٿيو.