لاهور (عوامي آواز نيوز) ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم کي ملازمت مدي ۾ آخرڪار واڌ ڏني وئي آهي ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اهو طئه نه آهي ته جنرل نديم انجم کي ڪيتري عرصي جي واڌ ڏني وئي آهي. ڇاڪاڻ ته اطلاع ملي رهيا آهن ته سمريءَ ۾ لکيل آهي ته ايندڙ حڪم تائين اوهان پنهنجيون ذميواريون جاري رکو ان حوالي سان جيڪي افواهه هلي رهيا هئا. انهن جو انت اچي ويو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ لاءِ اها سٺي خبر نه آهي.