جاچ آفيسر تبديل، فاطمه جو موت سيني ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿيو: ليبارٽري ذريعا

راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) راڻيپور فاطمه ڦرڙو ڪيس جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ اچڻ جا امڪان، ڪجھه ذريعن ۽ سوشل ميڊيا ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ليبارٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته فاطمه ڦرڙو کي سيني ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب موت ٿيو آھي، نينگريءَ کي فوري طور تي طبي امداد نه ملڻ ڪري سندس جو موت واقع ٿيو آھي، جيڪڏهن فوري طبي امداد ملي ھان ته شايد نينگري بچي وڃي ھا، ميڊيڪل بورڊ موجب فاطمه سان جنسي زيادتي جي تصديق پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اڳ ئي ٿي چڪي آهي، ايس ايس پي خيرپور سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته اسان کي اڃان رپورٽ نه ملي آھي جيئن ئي ملندي ته اھا سڀني جي سامھون آڻينداسين، ٻئي پاسي اھي به خبرون ھلي رھيون آھن ته  اڄ ان رپورٽ جي باري ۾ سنڌ جو نگران وزير صحت پريس ڪانفرنس پڻ ڪندا، واضح رھي ته فاطمه ڦرڙو ڪيس جو مک جوابدار اسد شاھ رمانڊ  تي پوليس حوالي ٿيل آھي، جڏھن ته ٻيا ٻه مک جوابدار سندس جي گھرواري بي بي حنا شاھ ۽ سندس والد پير سيد فياض شاھ اڃان گرفتار ٿي نه سگھيا، حنا شاهه ۽ فياض شاهه ڪيترن ئي پوليس جي ڇاپن باوجود هٿ نه اچي سگهيا آهن،  ٻئي پاسي پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل معصوم ٻارڙي فاطمه جي ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل ٿي ويو، ڪيس جي جاچ ايس ايڇ او بچل قاضي کان واپس وٺي ڊي ايس پي سفيع الله سولنگي کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو، اي ٽي سي ڪورٽ ڊي آءِ جي سکر کي ليٽر لکيو ھو ته ھن ڪيس جي جاچ ڊي ايس پي رئنڪ جو آفيسر ڪري ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو ڊي ايس پي سفيع الله سولنگي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.