رچرڊ اولسن تي غيرقانوني لابنگ ۽ عملدارن مٿان دٻاءُ وجهڻ تي سزا

واشنگٽن (م ڊ) پاڪستان ۾ آمريڪا جو اڳوڻو سفير رچرڊ اولسن جيل وڃڻ کان بچي ويو آهي، آمريڪا جي عدالت طرفان اولسن کي  پروبيشن تي رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ آمريڪا جي اڳوڻي سفير رچرڊ اولسن کي وفاقي اخلاقي قانونن جي ڀڃڪڙي تي ٽي سال نگراني هيٺ رهڻ جي سزا ۽ 93 هزار 400 ڊالر ڏنڊ لڳايو ويو آهي، اڳوڻي سفير کي عدالت طرفان ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو، ان کي قيد جي سزا نه ڏني وئي، غير ملڪي ميڊيا موجب 63 ورهين جي اولسن آمريڪي عدالت ۾ جمعي تي پيش ٿيو، گذريل سال هن 2 ڏوهن جو اعتراف ڪيو هو، هن رٽائرمينٽ جي هڪ سال جي اندر قطر جي لاءِ لابنگ ڪرڻ ۽ ٽئين ڌر کان ملندڙ سفري فائدا ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ جو اعتراف ڪيو، ميڊيا رپورٽس موجب اولسن کي 6 مهينن تائين قيد ٿي پئي سگهي، ظاهري طور آمريڪا جي لاءِ ان جون خدمتون ۽ لي بارگين قيد کي روڪيو، رچرڊ اولسن 2016 ۾ پرڏيهي کاتي تان رٽائرڊ ٿيو، ان جو ڪيريئر 34 سالن تائين ٻڌل رهيو.

وفاق ۾ نگران حڪومت مسلم ليگ ن جي آهي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد(م ڊ)پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته لڳي ٿو ته وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي، هن چيو ته وفاقي  ڪابينا بابت مينڊيٽ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي حوالي ڪيو ويو آهي، آصف زرداري ئي هن معاملي کي اٿاريندو،سنڌ جي نگران حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي هن چيو ته اها اسان جي اڳواڻن تي ڪيس ٺاهي رهي آهي، سي اي سي اجلاس دوران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه نگران صوبائي حڪومت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، مراد علي شاهه چيوته  جيڪو صوبائي حڪومت ڪري رهي آهي، اهو ان جو مينڊيٽ ناهي،انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي هن چيو ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪجهه ميمبرن پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويو ته آءِ بي ڪجهه غلط ڪم ڪري رهي آهي، عوام کي پريشان ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جي ڪجهه اڳواڻن کي اهو به خدشو آهي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت ڪيس ٺاهي رهي آهي، هو پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي حڪومت تي ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

قانوني ٽيم پاران نوازشريف کي پاڪستان واپسي لاءِ ڪليئرنس

لنڊن ( م ڊ ) لنڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون جي قيادت جي اهم گڏجاڻي ٿي آهي.لنڊن ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ ن ليگ قائد  نواز شريف، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، امجد پرويز ملڪ، عطا تارڙ ۽ اسحاق ڊار شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز بٽ نواز شريف جي وطن واپسي تي پارٽي قيادت کي قانوني معاملن تي بريفنگ ڏني.ذريعن موجب قانوني ٽيم نواز شريف کي پاڪستان واپسي لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي.ن ليگ جي قانوني ٽيم نواز شريف جي پاڪستان واپسي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.ياد رهي ته نواز شريف طرفان 21 آڪٽوبر تي وطن واپسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ چنڊ نظر نه آيو، 12 ربيع الاول 29 سيپٽمبر تي ٿيندي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ ربيع الاول مهيني جو چنڊ نظر نه آيو، 12 ربيع الاول (عيد ميلادالنبي صه) 29 سيپٽمبر جمعي تي   ملهائي ويندي، ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ مذهبي معاملن واري وزارت اسلام آباد ۾ ٿيو، جڏهن ته لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي سميت ٻين علائقن ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا، اجلاس ۾ موسميات کاتي، سپارڪو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي، مرڪزي ڪميٽي ۽ زونل ڪميٽين طرفان جمع ڪرايل رپورٽن کانپوءِ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چنڊ نظر نه اچڻ جو حتمي اعلان ڪي،. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي نه ملي، پهرين ربيع الاول 18 سيپٽمبر سومر تي هوندي، جڏهن ته 12 ربيع الاول (عيد ميلاد النبي صه) 29 سيپٽمبر جمعي تي ملهائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.