راجا رياض نواز ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي

لنڊن (م ڊ) اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، راجا رياض لنڊن ۾ نواز ليگ قائد نواز شريف ۽  صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ان دوران هن ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار، ميان ناصر جنجوعه، عطاءُ الله تارڙ، ملڪ احمد خان، اعظم نذير تارڙ ۽ امجد پرويز به موجود هئا،  ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته ملاقات ۾ سياسي گفتگو ٿيندي، نواز شريف جي واپسي ۽ چونڊن جو موضوع هوندو، هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم فيصلا ٿيندا، مان 15 فيبروري چونڊن جي تاريخ ڏني آهي، ان کان اڳ يا پوءِ ٿينديون، سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي شاندار آجيان ٿيندي، ان جو پنهنجو ووٽ بئنڪ آهي، ن ليگ پراڻي جماعت آهي، ان جا فالوئر گهرائي تائين آهن، ن ليگ کي چونڊن کان ڀڄڻو هجي ها ته نواز شريف نه موٽي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.