پشاور (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي مائنس ڪرڻ وارا پاڻ مائنس ٿي چڪا آهن ۽ نواز شريف کي مائنس ڪندي ڪندي پاڪستان جي ترقي مائنس ٿي وئي آهي.خيبرپختونخوا ۾ پارٽي جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف واپس نه پيو اچي پر پاڪستان جي خوشحالي جو دور واپس اچي رهيو آهي.هن چيو ته پاڪستان جي معمارن کي ڀليڪار ۽ سازشين کي گُڊ باءِ .سندس چوڻ هوته نواز شريف جو پيغام پاڪستان جي ترقي ۽ مهانگائي مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي، هن بهادري ۽ ثابت قدمي سان سياسي انتقام جو مقابلو ڪيو ۽ سرخرو ٿيو.مريم نواز چيو ته نواز شريف عوام کي مهانگائي کان بچايو هو کيس عوامي خدمت جي سزا ملي، سندس خلاف سازش جي نتيجي ۾ عوام کي مهانگائي ملي ڇو ته سازشي نه پيا چاهين ته پاڪستان معاشي طور مضبوط هجي.هن چيو ته 21 آڪٽوبر اعلان آهي ته عوام جي تڪليفن جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ غريبن جا ڏک درد ختم ڪرڻ وارو نواز شريف واپس اچي رهيو آهي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي دور ۾ پنج سال اٽي، گيهه ۽ کنڊ جي قيمت نه وڌي، نواز شريف جو ڏنل ترقي جو سفر جاري رهي ها ته پاڪستان اڄ بحران جو شڪار نه هجي ها، اڄ بجلي، گئس ۽ پيٽرول مهانگا نه ڪرڻا پون ها.