ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان بار ڪائونسل نگران حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان بار ڪائونسل جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته مهانگائي، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ عوام، سول سوسائٽي ۽ وڪيلن جو سهڪار ضروري آهي.هڪ بيان ۾ بلوچستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين امان الله خان ڪاڪڙ، چيئرمين ايگزيڪيوٽو اينڊ ڪميٽي قاسم علي گجري، بار ڪائونسل جي ميمبرن راهاب خان بليدي ايڊووڪيٽ ۽ ايوب ترين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.هن چيو ته نگران حڪومت وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو ڪو به مينڊيٽ ناهي، هن وقت عوام شديد مهانگائي جو شڪار آهي.